طبقات الامم (ڪتاب)

طبقات الامم (ڪتاب)

طبقات الامم

طبقات الامم (ڪتاب): هي قديم عربي تصنيف اسپين جي مشهور عالم ابن صائد الاندلسي جي آهي، جيڪو قرطبه جو رهاڪو هو هن اهو ڪتاب 450هه/1058ع ۾ لکي پورو ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن جو ذڪر ٿيل آهي ۽ اهو پڻ واضح طور ڄاڻايو ويو آهي ته ڪهڙن وسيلن ذريعي ٻين قومن جا مختلف علمن تي لکيل ڪتاب عربيءَ ۾ ترجما ڪيا ويا. ڪتاب جي مصنف پنهنجي تصنيف جو هڪ باب، سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي علمي ۽ ادبي ڪتابن لاءِ مخصوص ڪيو آهي، جنهن ۾ هن سنڌي عالمن ۽ انهن جي بغداد ۾ آندل ڪتابن جو تذڪرو ڪيو آهي. ابن صائد جو اصل نالو ابو القاسم مائد بن احمد بن عبدالرحمان بن محمد بن صائد هو. هو قرطبه ۾ ڄائو ۽ اتي ئي سن 462هه/1070ع ۾ وفات ڪيائين. ”طبقات الامم“ جون ڪيتريون ئي ترتيبون آهن جن مان آخري ترتيب 1913ع واري آهي، جيڪا بيروت (لبنان) مان شايع ٿي.


لفظ طبقات الاممھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو